تڻي جو هار

تَڻي جو هارُ: ڇاتيءَ وٽ گج جو ڀرت (جيڪو هار وانگر ڏسڻ ۾ اچي). خاص ڪري ڪنوارين ڇوڪرين جي چولن تي اهو ڀرت ڀريو ويندو آهي. هن ڀرت کي ’ڪنڊلو‘ به چون. وچولي ۾ ’گريباني‘ يا ’ڪتيون‘ چون ۽ لاڙ ۾ ’ٻيڙو‘ چون. اهڙو ساڳيو ڀرت، جيڪو اُرهه جي هيٺان هجي ته اُن کي ’سينابند‘ يا ’هيج‘ چون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو